اڳوڻي مڙس جي گهر ۾ ڌاڙي ۽ کيس قتل جو منصوبو جوڙيو هو: صوفيه مرزا

لاهور : پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل صوفيه مرزا ( خوش بخت مرزا) پنهنجي مڙس خلاف سازش ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو. صوفيه مرزا قانوني دستاويزن ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي اڳوڻي مڙس عمر فاروق ظهور جي دبئي اپارٽمنٽ مان اٽڪل 5 لک درهم روڪ ، جڏهن ته لکين درهم ماليت جو ٻيو سامان چوري ڪرڻ جي سازش ڪئي

اداڪارا اعتراف ڪيو ته جڏهن کيس پنهنجو منصوبو ناڪام ٿيندي نظر ايو ته هن اڳوڻي مڙس کي قتل ڪرڻ جو سوچو ۽ دبئي اپارٽمنٽ ۾ گهرو مسئلن جو بهانو بڻائي مٿس ڇُري سان وار ڪيو. صوفيه مرزا سمورن سازش جي ذميواري قبول ڪندي ٻڌايو ته عمر فاروق جي گهر ۾ ڌاڙي جي منصوبابندي پاڪستاني ڄائي دوست ۽ نوڪرن جي مدد سان ڪئي هئي

صوفيه قانوني ڪاغذن ۾ انڪشاف ڪيو ته هن پنهنجي ڌاڙي جي رٿابندي تي ڊاڪٽر اسد سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي جيڪو ان وقت ابوظهبي جي هڪ مشهور اسپتال ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر اسد فوري طور تي عمر فاروق ظهور کي ڌاڙي ۽ حملي جي منصوبابندي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته جيڪڏهن هن پنهنجي فليٽ ۾ ڌاڙي جي مزاحمت ڪئي ته حملو ڪندڙ کيس قتل پڻ ڪري سگهي ٿو

صوفيه اعتراف ڪيو ته بدقسمتي سان ڊاڪٽر اسد منهنجي مڙس آڏو منهنجي منصوبي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، منهنجو ارادو مال وٺڻ ۽ پنهنجي مڙس کي سبق سيکارڻ جو هو ڇو جو هن گهرڻ باوجود مونکي پئسا نه ڏنا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔