ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙو ، 5 آگست تي ڀارت جي ڏاڍ وارين ڪاررواين خلاف پاڪستان سميت دنيا ۾ ريليون

سري نگر: ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي قانوني حيثيت کي هڪ طرفتو تبديل ڪرڻ جي غير قانوني عمل کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ سرحد جي ٻنهين پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري استحصال جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن .

آزاد ۽ والاريل ڪشمير  ۾ ڀارتي بربريت کي ڪاري ڏينهن طور تي ملهايو پيو وڃي ۽ علائقي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي ،ڀارت جي غير قانوني قدمن خلاف ريليون ڪڍيون پيون وڃن ۽ عالمي برادري تي 5 آگسٽ 2019 جي قدمن کي واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي .

پاڪستان ۾ به اڄ ڀارتي قدمن خلاف يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي ، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي مين شاهراهن تي ٽريفڪ کي هڪ منٽ لاءِ روڪيو ويو ۽ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي .

ان کان سواءِ يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان هڪ ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ بچاءَ وارو وزيرخواجا آصف ، وزيراعظم جو مشير قمر زمان ڪائره ، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي عملي سميت شهرين شرڪت ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔