ڪراچي: گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ڌماڪو: 2 اهلڪار شهيد: 2 زخمي

ڪراچي جي گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن

پوليس ذريعن موجب مال خاني ۾ رکيل دستي بم ڦاٽڻ سبب واقعو پيش  آيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهزاد ۽ شبير شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن

واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پوليس هيڊ ڪوارٽر کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي مختلف رُخن سان جاچ ڪري رهيا آهيون، شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري رهيا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔