ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي ، انٽر بينڪ ۾ 237 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بينڪ ۾ ڊالر گهٽ ٿي 237 رپين جو ٿي ويو آهي . آءِ ايم ايف پاران پاڪستان لاءِ قرض جي بحالي بابت هاڪاري پيغام اچڻ کانپوءِ انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ڪري پئي آهي .

انٽر بينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 38 پئسا سستو ٿي ويو آهي ، فاريڪس ڊيلرز ايسوسي ايشن موجب انٽر بينڪ ۾ ڊالر 237 رپين تي ٽريڊ ٿي رهيو آهي .

واضح رهي ته آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان پيٽروليم ليوي ۾ اضافو ڪري آخري شرط به پوري ڪئي آهي . آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ ڪنٽري نمائنده موجب پاڪستان پي ڊي ايل ۾ اضافو ڪري ستين ۽ اٺين جائزي معاهدي جي آخري پيشگي شرط به مڪمل ڪري ورتي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔