پاڪستان آرمي ايويئيشن جي گُم ٿيل هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ

ڪراچي: بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقي اوٿل کان ڪراچي ويندي پاڪستان آرمي ايويئيشن جي گُم ٿيل هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ آيو آھي

خضدار پوليس هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، ڊي آءِ جي خضدار چيو آهي ته ملبو سسئي پنهون جي مزار ڀرسان موسيٰ ڳوٺ ۾ مليو آهي

پوليس عملدارن موجب هيليڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سومرو، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد ۽ 12 ڪور جو انجنيئر برگيڊيئر خالد سوار  هئا،حادثي جو شڪار باقراڻي واسي پائليٽ ميجر سعد جي گهر ۾ تڏو وڇايل آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔