پي ٽي آءِ تي غيرملڪي فنڊنگ جو الزام ثابت، شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد ؛ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي محفوظ ڪيل فيصلو اتفاق راءِ سان جاري ڪري ڇڏيو  آھي، اڪائونٽس بابت پي ٽي آءِ جو حلف نامو ڪوڙو ۽ عمران خان طرفان جمع ڪرايل فارم ون غلط قرار ڏنو ويو

 پي ٽي آءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ويو ته منع ڪيل فنڊز وٺڻ تي ڇو نه توهان جا فنڊز ضبط ڪيا وڃن، فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان 13 پرڏيهين کان فنڊز ورتا ويا

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب آمريڪا، آسٽريليا ۽ يو اَي اِي مان فنڊز ورتا ويا، 13 نامعلوم اڪائونٽس سامهون آيا، پر پي ٽي آءِ اُنهن اڪائونٽس بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي، رڳو 8 اڪائونٽس قبوليا ويا، اسٽيٽ بئنڪ موجب اهي 13 اڪائونٽس پارٽي قيادت ۽ مئنيجمينٽ ٺاهيا هئا

اليڪشن ڪميشن موجب اڪائونٽس لڪائڻ آئيني ڀڃڪڙي آهي، پي ٽي آءِ کي 351 پرڏيهي ڪمپنيز کان فنڊز مليا، عارف نقوي جي ڪمپني ووٽن ڪرڪيٽ کان به منع ڪيل فنڊنگ ورتي وئي، پي ٽي آءِ کي آمريڪي شهري کان به فنڊز مليا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔