گوگل پاڪستان ۾ زلزلي بابت آگاهي ڏيڻ وارو فيچر پيش ڪري ڇڏيو

گوگل پاڪستان ۾ زلزلي جون خبرون ڏيڻ وارو اينڊرائيڊ ارٿ ڪوئيڪ الرٽ سسٽم پيش ڪري ڇڏيو آهي.

اهو الرٽ سسٽم بنهه مفت آهي ۽ اينڊرائيڊ پليٽ فارم جو هڪ مددگار فيچر آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ زلزلن جو پتو لڳائڻ سان گڏ ماڻهن کي آگاهه ڪندو آهي.

سسٽم زلزلي جي سرگرمين جو پتو لڳائڻ لاءِ فعال اينڊرائيڊ سمارٽ فونز ۾ موجود ايڪسلرو ميٽر استعمال ڪندو آهي ۽ سرچ ۽ ڊيوائس ذريعي سڌو سنئون ماڻهن کي زلزلي بابت آگاهي ڏيندو آهي.

ڄاڻايل سسٽم گوگل سرچ کي فوري طور تي (near-instant) ڄاڻ ڏيندو آهي جڏهن ماڻهو ”زلزلو “ يا ”منهنجي ويجهو زلزلو“ ڏسندا آهن ته کين لاڳاپيل نتيجا ملي ويندا آهن گڏوگڏ ان بابت مددگار وسيلن جي حوالي سان پڻ ڄاڻ ملندي آهي ته زلزلي کانپوءِ ڇا ڪرڻ کپي.

اهڙا واهپيدار جيڪي اهي الرٽس وصول نٿا ڪرن چاهين اُهي ڊيوائس جي سيٽنگ ۾ وڃي ان کي بند ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔