چاهيون ته سڀاڻي ئي شهباز حڪومت ڪيرائي سگهون ٿا، حڪومت جا 5 ايم اين ايز رابطي ۾ آھن:فواد چوڌري


ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته چاهيون ته سڀاڻي ئي شهباز حڪومت ڪيرائي سگهون ٿا، حڪومت جا 5 ايم اين ايز اسان سان رابطي ۾ آهن، شهباز شريف کي ڳالهين جو موقعو ڏيون ٿا، هاڻي اڳتي وڌڻ بابت کيس فيصلو ڪرڻو آهي

پريس ڪانفيرنس دوران ته شهباز شريف پهرين چونڊن جي تاريخ ڏئي، بعد ۾ آپشنز ڏٺا ويندا ته ڪيئن اڳتي وڌي سگهجي ٿو، اسان ڊائلاگ لاءِ تيار آهيون، چيف اليڪشن ڪمشنر وٽ ڪجهه ڏينهن آهن، کيس فيصلو ڪرڻو آهي ته پاڻ ويندو يا اسان کيس گهر ڀيڙو ڪريون

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته 22 جولاءِ تي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، 23 جولاءِ تي راڻا ثناءُ الله ۽ عطاء تارڙ جي پنجاب ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ويندي، پي ٽي آءِ سان گڏ نون ليگ ۽ پ پ جي فنڊنگ ڪيسن تي به فيصلو اچڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔