آئي ڏينهن ڪرنسي لوڏن ۾ آهي، ڊالر جو مُلهه وڌي رهيو آهي، سڀني کي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سُپريم ڪورٽ پاران نيب ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا آھن، سپريم ڪورٽ جو چوڻ آھي تھ  آئي ڏينهن ڪرنسي لوڏن ۾ آهي، ڊالر جو مُلهه وڌي رهيو آهي، ملڪي معيشت خراب آهي، سڀني کي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو

 شاهه محمود قريشي کي روسٽرم تي گهرائڻ بعد چيف جسٽس چيو ته حساس مامرن تي قانونسازي دوران پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ ڇو نه هئي، پوءِ چئو ٿا قانون خلاف قانون ٺهيو آهي، پي ٽي آءِ کي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي

توهان وٽ ماڻهن جو اعتماد آهي، ملڪ، قوم ۽ آئين جي باري ۾ سوچيو، پارليامينٽ جي جاءِ ڪير نٿو وٺي سگهي، نيب ترميمن تي بحث پارليامينٽ بدران عدالت ۾ ڇو ٿئي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته معاملو واپس پارليامينٽ ۾ ويندو، هن قانون تي اسٽي نٿو ڏئي سگهجي، احتساب عدالت ۾ التوا هيٺ ڪيسز کي هن ڪيسز تي فيصلي سان مشروط ڪريون ٿا

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته ڪرنسي مارڪيٽ ۾ انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، امپورٽيڊ سرڪار جو هر ڪلاڪ ملڪ تي بار بڻجي رهيو آهي، وقت سر فيصلا نه ڪيا ويا ته ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيندو

غير فطري  ۽ پرڏيهي مداخلت سان آيل نظام تباهي آڻي رهيو آهي، هن نظام کي ختم نه ڪيو ويو ته ملڪ کي نقصان ٿيندو، وقت اچي ويو آهي ته بهتر فيصلا ڪري ملڪ کي اڳتي وڌايو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔