حڪومت هارائي وئي ۽ نواز شريف جو نظريو کٽي ويو: جاويد لطيف


نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف پنجاب ۾ ن ليگ جي شڪست تي تبصرو ڪيو آهي ته حڪومت هارائي وئي ۽ نواز شريف جو نظريو کٽي ويو، هاڻي نظريهِ ضرورت کي دفن ڪرڻو پوندو، نوازشريف کي سمورو سچ قوم جَي سامهون رکڻ گهرجي
هن پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست کي غلط پاليسي جو نتيجو قرار ڏنو
جاويد لطيف چيو ته حقيقتون قوم آڏو رکنداسين ته ايندڙ چونڊن ۾ مخالفن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون
رياستي ادارن جِي غلطين جو ڍير کڻڻ لاءِ تيار ناهيون، اسان سياست قربان ڪري رياست بچائڻ جو فيصلو ڪيو، ماڻهن اسان کي عمران سرڪار تي پردو وجهڻ جو نه، معيشت مضبوط ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو هو
هن چيو ته عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جون اسيمبليون ٽوڙي چونڊن جو اعلان ڪري، اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون، ڪير اِهو سوچي رهيو آهي ته اسان آساني سان نتيجا هضم ڪري وٺنداسين ته ائين نه ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔