برطانيا جي يونيورسٽي ڊي آءِ جي مقصود احمد کي ڊاڪٽريٽ ڊگري سان نوازيو

لنڊن: برطانيا جي يونيورسٽي ڊي آءِ جي مقصود احمد کي ڊاڪٽريٽ ڊگري سان نوازيو ،ٽيررزم فنانسنگ ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ وارو پهريون آفيسر بڻجي ويو.

برطانيا جي يونيورسٽي آف نارٿمبريا ، نيو ڪيسل ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن مقصود احمد کي باضابطا طور تي ڊاڪٽريٽ (پي ايڇ ڊي) جي ڊگري سان نوازيو آهي. نارٿمبريا يونيورسٽي جي نيو ڪيسل ڪيمپس ۾ منعقده هڪ پروقار تقريب دوران سيڪورٽي ڊويزن جي سربراهه ڊگري ورتي.

تقريب ۾ دنيا جا ناليوارن اسڪالرز ۽ ماهرن سميت پروفيسر جيڪي هاروي جيڪو مقصود احمد جي ”ٽيررزم فنانسنگ ان پاڪستان ( پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف مالي مالي معاونت) جي موضوع تي تحقيق دوران ان جي سپروائيزر هئي ان شرڪت ڪئي .

جيڪي هاروي نيو ڪيسل بزنس اسڪول ۾ فنانشل مينجمينٽ ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف بزنس ريسرچ جي سينئر پروفيسر آهي . ان جي تحقيق ڪرمنل فنانشل مينجمينٽ خاص ڪري مني لانڊرنگ جي شعبي تي ٻڌل آهي .تحقيق کي بين الاقوامي فيڪلٽي ۽ مضمون جي ماهرن ان جي عملي پهلوئن، منفرد نقطه نظر، سدباب ۽ دهشتگردي ۽ ان جي مالي معاونت سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل سفارشن تي ساراهيو.

ڊي آءِ جي سڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن دهشتگردي جي انت لاءِ مالي معاونت ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ وارو پهريون پاڪستاني پوليس آفيسر آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ دهشتگردي جي انت واري پاليسي تي اثر انداز ٿيندڙ سببن کي ڳولهڻو آهي،ڊاڪٽر مقصود احمد هن وقت ڊائريڪٽر جنرل سنڌ سيف سيٽيز اٿارٽي به آهي . نارٿمبريا يونيورسٽي ڪيسل تحقيق جي حوالي سان هڪ معتبر ۽ پيشيور ۽ عالمي شهرت رکندڙ آهي . يونيورسٽي جو ڳاڻيٽو برطانيا جي انهن ٽاپ ٽين يونيورسٽيز ۾ ٿئي ٿو جنهن جا سڀ کان وڌيڪ گريجوئيٽس لاڳاپيل فيلڊ ۾ فرض نڀائي رهيا آهن .يونيورسٽي ۾ 32،000 کان وڌيڪ شاگرد ۽ سڄي دنيا مان اٽڪل 2700 تعليمي ۽تحقيقي عملو موجود آهي . نارٿمبريا يونيورسٽي ”ٽائمز هائر ايجوڪيشن اسٽوڊنٽس سيٽسفيڪشن سروي 2014 موجب 111 يونيورسٽين مان 21 هين نمبر تي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔