گلوڪار فيصل اختر جو نئون گيت”ڪملي“ جاري ٿي ويو

ڪراچي: گلوڪار فيصل اختر جو نئون گيت ”ڪملي“ جاري ٿيو . موسيقي ۽ رومانس جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي اهو ئي سبب آهي ته رومانس سان ڀرپور گيت سڄي دنيا ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا . ڪملي گيت جي موسيقي ناليواري موسيقار ۽ راڳي احمد جهان زيب ڏني آهي ۽ پاڪستاني ڄائي آمريڪي گلوڪار فيصل اختر جي گائيڪي جي هڪ هڪ سر ۽ راڳ ۾ رومانس ڀريل آهي .ناليواري گلوڪار فيصل اختر آمريڪا مان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪملي سونگ جي تيزي سان وڌندڙ مقبوليت ۽ موسيقي جي ديوانن پاران ملندڙ موٽ دل خوش ڪري ڇڏيو آهي . هن ٻڌايو ته ڪملي سونگ جي وڊيو دبئي جي دلڪش لوڪيشن تي شوٽ ڪئي وئي آهي ۽ عالمي شهرت رکندڙ ماڊلز ان ۾ ماڊلنگ ڪئي آهي .گاني ۾ محبوب جي رسڻ ۽ پرچڻ جي ڪيفيتن کي خوبصورتي  سان ڏيکاريو ويو آهي . وڊيو ڏسندي اهو محسوس  ٿيندو جيئن بالي ووڊ جي ڪنهن فلم جو گيت هجي . اسان ڪملي گاني جو وڊيو عالمي معيارموجب تيار ڪيو آهي ڇو ته اڄ جي دور ۾ سونگ شوق سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ٻڌو به وڃي ٿو . آمريڪا ۾ رهندڙ گلوڪار فيصل اختر جو چوڻ هو ته مان آمريڪا ۾ پاڪستاني موسيقي جو سفير آهيان. پاڪستاني موسيقي سماعتن ۾ رس گهولي ٿي سچي موسيقي روح ۾ لهي وڃي ٿي . هن چيو ته 25 سالن کان آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ ڪوٺايل ڪنسرٽس ۾ آواز جو جادو جاڳائي رهيو آهيان . منهنجو هڪ سونگ پاڪستان جي پلاٽينم جوبلي جي موقعي تي ريليز ڪيو ويندو . پهريون ڀيرو موسيقي سان پيار ڪندڙ احمد جهان زيب ۽ فيصل اختر کي گڏ ڏسندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔