بشريٰ بي بي آڊيو ليڪ ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد : اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي ۽ ارسلان خالد جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ داخل درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ورتي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ آڊيو ليڪ جي فرانزڪ جاچ ڪري، بشريٰ بي بي ۽ ارسلان خالد کي به عدالت ۾ گھرائي آڊيو بابت پڇيو وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آڊيو درست ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ بشريٰ بي بي ۽ ارسلان خالد خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

درخواستگذار پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ گھرو وزارت، اطلاعات وزارت، پيمرا چيئرمين ۽ پي آءِ ڊي سوڌو ايف آءِ اي، انٽيليجنس بيورو ۽ اسٽيٽ بينڪ کي به ڌر بڻايو ويو آهي.

ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾  تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گھر واري بشريٰ بي بي جي هڪ مبينا آڊيو ليڪ ٿي هئي، جنهن ۾ هوءَ عمران خان جي ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ارسلان خالد کي مخالفن خلاف بيانيو بڻائڻ ۽ کين غدار ثابت ڪرڻ جي مهم هلائڻ جون هدايتون ڏئي رهي هئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران بشريٰ بي بي آڊيو ليڪ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس عامر فاروق سومر جي ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔