سري لنڪا جي صدر پاران عهدي تان استعيفيٰ ،ملڪ ۾ جشن

ڪولمبو: سري لنڪا جي صدر گوٽابايا راجا پاڪسي ملڪ کان فرار ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي .پرڏيهي خابرو اداري موجب سري لنڪا جي صدر گوٽابايا راجا پاڪسي ملڪ کان فرار ٿي مالديپ ۽ پوءِ سنگاپور پهچي پنهنجي استعيفيٰ ڏياري موڪلي . سندس استعيفيٰ واري خبر ٻڌي هزارين مظاهرين پاران جشن ملهايو ويو . راجا پاڪسي حڪومت مخالف احتجاجي مظاهرن دوران سنگاپور فرار ٿيڻ بعد پنهنجي استعيفيٰ اي ميل وسيلي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڏياري موڪلي آهي .هو مظاهرين جي حملي کان ملڪ کان فرار ٿي ويو هو  ۽ هن گرفتاري کان بچڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ کان ئي استعيفيٰ ڏياري موڪلي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔