وزيراعظم پيٽرول جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ آءِ ايم ايف  سان ٿيل معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي.قوم سان خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنهن وقت اسان حڪومت سنڀالي ته تيل جون قيمتون آسمان تي هيون جڏهن ته مهانگائي به تمام گهڻي هئي پر اڄ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن ، مان غلط بياني نه ڪندس پنهنجي وعدي موجب تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو هڪ هڪ پيسو واپس ڪندس .الحمدالله اڄ اهو موقعو اچي ويو آهي .هن اعلان ڪيو ته ڊيزل جي مد ۾ 40 رپيا 54 پئسا جڏهن ته پيٽرول جي مد ۾ 18 رپيا پنجاهه پئسا گهٽ ڪيا پيا وڃن جيڪو 14 جولاءِ تي رات ٻارهين وڳي کان لاڳو هوندو.شهباز شريف اها به تصديق ڪئي ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي جنهن جو اعزاز ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم ڏانهن وڃي ٿو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔