اسلام آباد: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آئون جهيڙن جهٽن جو قائل ناهيان، خواهش آهي ته هنن جنهن تير سان اسان کي ماريو آهي، اسان کي اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو ناهي ڪرڻو، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته هاڻي اڳتي وڌڻ گهرجي، خواهش آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٺاهه ٿي وڃي، ، ساڳئي تير سان کين ماريون، اُميد ته ننڍين چونڊن ۾ مداخلت نه ٿيندي
شيخ رشيد چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته عمران خان ٻيهر احتجاج جو سڏ ڏئي سگهي ٿو، عمران خان سان ته هٿ ٿيو، پر اصل هٿ نواز شريف سان ٿيو آهي، نواز شريف جي دل ۾ جيڪو نالو آهي، اُهو اتي رهجي ويندو، اصل فيصلا شهباز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ڪندا