سپريم ڪورٽ جَي فيصلي سان تڪليف پهتي آهي: عمران خان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جَي فيصلي سان تڪليف پهتي آهي، سپريم ڪورٽ کان پڇان ٿو ته جڏهن خط چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو ويو ته ڇا اوهان کي جاچ نه ڪرائڻ گهرجي ها؟

صدر خط چيف جسٽس ڏانهن اُن ڪري ئي موڪليو هو ته انڪوائري ٿئي: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڊيرا غازي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، سپريم ڪورٽ چيو آهي خط تي جاچ ناهي ڪئي وئي، انڪوائري ڪميٽي جوڙي هئي پر اسان جي حڪومت ختم ٿي وئي، اِن کان وڌيڪ ڇا پيو ڪري سگهان؟

سپريم ڪورٽ جاچ ته ڪرائي ها ته ڊونلڊ لُو ڪنهن ڏانهن پيغام موڪليو هو، سفارتڪار وزيراعظم جَي ماتحت هو پوءِ امريڪي عملدار پيغام ڪنهن کي ڏئي رهيو هو؟ امريڪا جِي ڌمڪي منهنجي نه، 22 ڪروڙ قوم جِي توهين آهي

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔