ججز جي جڏهن دل چوندي آهي ته نوٽيس وٺندا آهن، خبر آهي ته عدالت ۾ بريڪ کان اڳ ۽ پوءِ ڇا ٿيو:فواد چوڌري

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ججز ۽ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد، فواد چوڌري چيو آهي ته ججز جي جڏهن دل چوندي آهي ته نوٽيس وٺندا آهن، خبر آهي ته عدالت ۾ بريڪ کان اڳ ۽ پوءِ ڇا ٿيو

فواد چوڌري چيو تھ ججز آئين ٽوڙن ته ڪهڙي سزا هجڻ گهرجي؟ ائين نٿو ٿي سگهي ته ججز ۽ جرنيل بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪن، اسٽيبلشمينٽ جي وات کي رت لڳل آهي ته سياسي فيصلا ڪرڻا آهن، هاڻي اِن کي تبديل ڪرڻو پوندو

ھن چيو تھ ائين نه ٿيندو ته اسٽيبلشمينٽ هڪ ڏينهن هڪڙو ۽ ٻئي ڏينهن ٻيو فيصلو ڪري، سُپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ غلطيون آهن، سائيفر چيف جسٽس وٽ به موجود آهي، اُن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عقل وارن کي خبر آهي ته سائيفر جي جاچ ڇو نٿي ڪرائي وڃي، گهڻا ماڻهو سائيفر جي جاچ ڪرائڻ نٿا گهرن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔