اداڪارا زالي سرحدي پريانڪا چوپڙا سان ڀيٽ ڪرڻ تي ڪاوڙجي پئي

ڪراچي :اداڪارا زالي سرحدي ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا سان ڀيٽ ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منهنجي پنهنجي سڃاڻپ آهي ۽ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ٺاهڻ چاهيان ٿي

زالي سرحدي ”ٽائم آئوٽ ود احسن خان“ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏنا. ميزبان احسن خان اداڪارا زالي سرحدي کان سوال ڪيو ته توهان جو چهرو پريانڪا چوپڙا سان ملندو آهي، جنهن تي زالي سرحدي چيو ته پريانڪا چوپڙا سٺي شخصيت جي مالڪ ۽ بهترين اداڪارا آهي پر مون کي ڪنهن وانگر نظر اچڻ جي ضرورت ناهي

ڇو ته منهنجي پنهنجي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته مان پريانڪا جي مداح آهيان ۽ جڏهن انڊسٽري ۾ آيس ته ڀارتي ميڊيا منهنجي تصوير لڳائي خبر ٺاهي ته پريانڪا جو وزن وڌي ويو آهي. سندس موجب ماڻهو مون کي اهو ئي چوندا آهن ته تون پريانڪا چوپڙا جهڙي آهين پر مون کي انهن جا تبصرا عجيب لڳندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔