سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان چوماسي جي برسات جاري

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان چوماسي جي برسات جاري آھي، ڪشمور، بخشاپور، حيات پتافي، داد لغاري، پيارو اسٽيشن ۽ ڀرپاسي تيز هوائن سان برسات وسي

 ميرپور ٻرڙو، تنگواڻي، رائونتي، مبارڪپور ۽ ڏهرڪي ۾ گجگوڙ سان وسڪارو، مبارڪپور، عادلپور، شهدادڪوٽ، ڀريا سٽي، ڪنڌڪوٽ، قمبر، ڪوٽڙي ڪبير، ڪرونڊي ۽ فيض گنج ۾ برسات دوران فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

 رستن ۽ گهٽين تي برساتي پاڻي بيهجي ويو، بجلي ۽ مواصلاتي نظام  درھم برھم ٿي ويو، ڪيترن ئي شھرن ۾ ھن کان اڳ پيل برسات جو پاڻي پڻ نيڪال نھ ٿي سگھيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔