وزيراعظم جي اعلان بعد پيٽروليم شيون سستيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري

اسلام آباد: وزيراعظم جَي اعلان بعد پيٽروليم شيون سستيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو ، پيٽرول ساڍا 18 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 40 رپيا 54 پيسا سستو ٿي ويو، گاسليٽ 33 رپيا 81 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 34 رپيا 71 پيسا سستو ڪيو ويو

 نوان اگهه اڄ کان لاڳو ٿي ويا، وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب دوران پيٽروليم شيون سستون ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه تيزي سان گهٽجڻ بعد اسان کي به قيمتون گهٽائڻ جو موقعو مليو

ھن چيو ھو تھ آءِ ايم ايف سان به معاهدو ٿي چڪو آهي، خدا ڪري آءِ ايم ايف سان اِهو معاهدو آخري هجي، اِهو رستو سولو ناهي، ڪنڊن تي به بيهڻو پوندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔