موهن جو دڙو تي تحقيق ڪندڙ جرمن ماهر پروفيسر مائيڪل جانسن لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: موهن جو دڙو تي 5 ڏهاڪن تائين تحقيق ڪندڙ جرمن ماهر پروفيسر مائيڪل جانسن 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، پروفيسر جانسن سيمينار ۾ شرڪت لاءِ ازبڪستان ويل هو، جتي سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي

 موهن جو دڙو انتظاميا موجب جرمن آرڪيالاجسٽ موهن جو دڙو بابت جڙيل فني ۽ مشاورتي ڪميٽي جو چيئرمين رهيو، هُن موهن جو دڙو جي ڀتين تي ڊاڪيومينٽيشن جو ڪم پڻ ڪيو هو

پروفيسر جانسن موهن جو دڙو کي عالمي ورثي واري فهرست مان خارج ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مُکيه ڪردار ادا ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔