مون وڊيو رڪارڊ ڪري هڪ جاءِ تي رکي ڇڏي آهي، مون کي ڪجهه به ٿيو ته اها وڊيو سامهون اچي ويندي: عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان کي ڀِت سان لڳايو ويو ته سڀ ڪجهه قوم اڳيان رکندس، چُپ انڪري آهيان ته قوم کي نقصان نه ٿئي، مجبور ڪيو ويو ته پوءِ ڳالهائيندس، مون وڊيو رڪارڊ ڪري هڪ جاءِ تي رکي ڇڏي آهي، مون کي ڪجهه به ٿيو ته اها وڊيو سامهون اچي ويندي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ صحيح دڳ تي هلي رهيو هو ته اسان جي حڪومت خلاف سازش ڪئي وئي، سڀ خبر آهي ته سازش ۾ ڪير ڪير ملوث آهي، سازش ۾ ملوث ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته قوم چورن سان گڏ ناهي، منهنجي وڊيو مان خبر پئجي ويندي ته ملڪ سان ڪنهن ڪنهن غداري ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔