حليم عادل جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، بابا جي زندگي کي خطرو آھي:عائشه عادل

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي آزادي لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آھي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ حليم عادل شيخ کي سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر کي اهڙي طريقي سان گرفتار ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو  آھي

حليم عادل جي ڌيءُ عائشه  چيو آھي تھ پنجن ڪلاڪن کان بابا جي باري ۾ اسان کي ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي، والد جي زندگي کي خطرو آهي، اڳ به آگاهه ڪري چُڪي آهيان

وڊيو بيان ۾ عائشه حليم چوي ٿي تھ  ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي ته بابا کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ھن چيو تھ بابابابت جلد کان جلد اسان کي ٻڌايو وڃي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔