سڄي سنڌ ۾ ٽئين ڏينھن به ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز برسات، بجلي جو نظام درھم برهم

ڪراچي: سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به چوماسي جي برسات جاري آھي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري آھي، رستن تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون

ٺٽو، گهارو، نوري آباد، ٿاڻو بولا خان ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان برسات، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، مٺي، ننگرپارڪر، ڏيپلو، ڏاهلي، ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ ۾ وسڪارو پيو

 عمرڪوٽ، ڍورو، نارو، ڪوٽ غلام محمد ڪُنري ۽ ماتلي ۾ ڪڪر وسي پيا، بهرام، ڳيريلو، درياءَ خان مري، ٻانڌي، ڪرونڊي، فيض گنج ۽ اڪري چودڳي ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي

 دادو، جوهي، واهي پانڌي، مورو ۽ ڀرپاسي وسڪارو پيو، برسات بعد بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول، سن جي جابلو علائقي ۾ برسات بعد نئيون وهي آيون، رني ڪوٽ وٽ نئن ۾ ٻڏي نوجوان عبدالسميع ٻڏي فوت ٿي ويو

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔