برساتي پاڻي پيئڻ سان انسان کي ڇا ٿي ويندو؟ ڄاڻيو سائنسدانن جي راءِ

ڪراچي:ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو اچڻ وارو آهي پر برسات جي پاڻي بابت سائنس گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي جنهن کي ڄاڻڻ ضروري آهي.

هڪ رپورٽ موجب برسات جي پاڻي ۾ جيٽ به موجود هوندا آهن پر نظر نه ايندڙ جيوڙا به هوندا آهن.

جيتوڻيڪ برسات جو پاڻي ڪجهه ڪمن لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو جيئن ڇت صاف ڪرڻ، هٿ ڌوئڻ پر پاڻي کي پيئڻ سان صحت تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.

برساتي پاڻي ۾ جيوڙا، وائرس ۽ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار ڪيميڪل موجود ٿي سگهن ٿا جيڪي اڻ ڄاڻائي ۾ اوهان لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهن ٿا.

شهر جي موسم به ان تي اثرانداز ٿئي ٿي، جيئن شهر ۾ ڌوڙ مٽي جي صورتحال آهي ته برسات کي زمين تي پوڻ کان اڳ ئي نقصانڪار بڻائي سگهي ٿي.

اوهان جي گهر جي ڇتين ۾ موجود ڪيميڪل توڙي جيت پاڻي کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي سگهن ٿا.

ان لاءِ سائنس تجويز ڏني آهي ته جيڪڏهن اوهان جو مدافعتي نظام ڪمزور آهي ته اوهان برساتي پاڻي ۾ ونهجڻ کان به پاسو ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔