سکر پوليس 9 مهينا اڳ اغوا ٿيل فهميده لاشاري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام


سکر پوليس 9 مهينا اڳ اغوا ٿيل فهميده لاشاري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر کان ناري جي بازيابي لاءِ وڌيڪ مهلت گهري ورتي

ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت کي آگاهي ڏيندي ايس ايس پي سکر چيو ته ميراڻي، لاشاري ۽ جعفري ڌُرين وٽ ڇوڪري جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، ڪارروائيون جاري آهن

فهميده لاشاري جي والد چيو ته ڌيءُ کي فراز، معشوق ۽ اختيار ميراڻي اغوا ڪرايو، جوابدارن طرفان اُماڻيل چڱن مڙسن ڌيءُ عيوض پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي

عدالت ڊي آءِ جي سکر پيش ٿي لکت ۾ جواب ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڌرين کي نوٽيسز پڻ جاري ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔