ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شھرن ۾ برسات


سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري  آھي

ڪراچي، خيرپور، روهڙي، پنو عاقل، گمبٽ، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات ٿي رھي آھي

دادو، ڪنڌرا، تنگواڻي، ميهڙ ۽ آسپاس برسات بعد رستن تي پاڻي بيهجي ويو، مارڪيٽ ۾ پاڻي بيهجڻ سبب شهري پريشان آھن

فيض گنج، ٺل، ڦل، ڪوٽ لالو، ٻانڌي، منهڙو ۽ دريا خان مري ۾ تيز هوا سان وسڪاري بعد مواسلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو

ميروخان، مديجي، پکو، ڳيريلو، بهرام ۽ ڪچي پُل ۾ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي

ڪرونڊي ۾ برسات دوران گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب نينگر سلمان هيسباڻي دٻجي فوت ٿي ويو

ڪراچي جي گڏاپ، گلشن معمار ۽ ڀرپاسي وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔