ڇا فاروق ستار ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ واپسي ڪري رهيو آهي؟

ڪراچي : ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊاڪٽر فاروق ستار کي پارٽي ۾ واپس اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب فاروق ستار ۽ ايم ڪيو ايم  پاڪستان وچ ۾ رابطا تيز ٿي ويا آهن ۽ ان ئي سلسلي ۾ اڄ داڪٽر خالد مقبول صديقي فاروق ستار جي گهر اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذرعن ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان فاروق ستار کي پارٽي ۾ واپس اچڻ ۽  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 245 تي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي آڇ ڪئي آهي.

ذريعن موجب ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم پاڪستان جي آڇ جي جواب ۾ چيو آهي ته پارٽي ۾ واپس آيس ته اين اي 245 واري سيٽ تان هٿ کڻي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔