پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ووٽنگ روڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ٿيندڙ اڄوڪي چونڊ کي روڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست سپريم ڪورٽ منظور ڪندي 3 رڪني بئنچ قائم ڪري ڇڏي، قائم ڪيل بئنچ اڄ ئي ٻڌڻي ڪندي

سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان وڪيل فيصل چوڌري، امتياز صديقي جي معرفت ٻڌڻي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته اڄ پنجاب اسيمبلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ٿيندڙ ووٽنگ کي روڪرايو وڃي.

عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست منظور ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ قائم ڪري ورتي جنهن ۾ شام جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن.

ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ اڄ شام 4 ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔