”نوجوان عدم تحفظ جو شڪار ٿيڻ کان ڪيئن بچي سگهن ٿا“ شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سيمينار منعقد

ڄامشورو: شهيد ﷲ بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ ”نوجوان عدم تحفظ جو شڪار ٿيڻ کان ڪيئن بچي سگهن ٿا“ جي موضوع تي هڪ ڏينهن وارو سيمينار ڪوٺايو ويو، مقررن چيو آهي ته اڪثر نوجوان ان کي ايندڙ وقت ۾ منهن ڏئي سگهن ٿا پر ان کي منهن ڏيڻ، ضابطو آڻڻ ۽ پنهنجو گهربل مقصد حاصل ڪرڻ جو نالو زندگي آهي.

ڪوٺايل سمينيار ۾ مٽياري شگر ملز جي جنرل مئنيجر ڊاڪٽر جنيد اڪبر شاهه ليڪچر ڏنو ۽ پنهنجي وسيع تجربي جي آڌار تي نوجوانن کي ڪيريئر ۽ زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿيڻ بابت رهنمائي ڏني.
سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جنيد اڪبر شاهه چيو ته عدم تحفظ هڪ عام احساس آهي جيڪو تقريبن اڪثر ماڻهن کي زندگيءَ جي مختلف مرحلن تي درپيش اچي ٿو. هن چيو ته اعتماد جي کوٽ، بي اعتباري، غير يقيني آئيندو، تڪليف ڏيندڙ ڳالهيون، مذاق کي نه سمجهڻ، غير يقيني نوڪري، جسماني بيهڪ، بنا تياري جي امتحان ۾ ويهڻ، ناقص ڪارڪردگي، ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ، صحت، کاڌو ۽ خاندان جو سهڪار نه هئڻ عدم تحفظ جون علامتون آهن جيڪي ماڻهن کي زندگيءَ ۾ درپيش اچن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته زندگيءَ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ، مداخلت جي منصوبا بندي ڪرڻ، حقيقي توقعات رکڻ، سٺين شين ۽ خيالن جي ڳولها، ورزش، صحتمند کاڌي جو استعمال ڪرڻ ۽ نه تبديل ٿيندڙ شيءِ سان هٿ چراند نه ڪرڻ سبب ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار ٿيڻ کان محفوظ رهي ٿو.
ڊاڪٽر جنيد وڌيڪ چيو ته هڪ تحقيق موجب يونيورسٽين ۾ جيڪو ڪجهه پڙهايو وڃي ٿو اهو هر پنجن سالن بعد تبديل يا پراڻو ٿي ويندو آهي تنهنڪري هنر ۽ ڪردار نوجوان جي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ تمام اهم آهن.
سندس چوڻ هو ته نيورو لينگوسٽڪ پروگرامنگ جي اصولن تحت نوجوان ڪن به پنجن اعلى شخصيتن جي چونڊ ڪري انهن جي زندگي جي نقل ڪن ته سندن زندگيءَ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويندو ۽ هو ڪاميابي طرف گامزن ٿيندا.

سيمينار ليڪچر کي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته هن قسم جي ليڪچر منعقد ڪرائڻ جو مقصد نوجوانن کي موقعو فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي باري ۾ سوال اٿاري سگهن.
هن چيو ته ڪيريئر توڙي زندگيءَ ۾ عدم اعتماد مختلف قسمن جو ٿيندو آهي ۽ اڪثر نوجوان ان کي ايندڙ وقت ۾ منهن ڏئي سگهن ٿا پر ان کي منهن ڏيڻ، ضابطو آڻڻ ۽ پنهنجو گهربل مقصد حاصل ڪرڻ جو نالو زندگي آهي. ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته غير ضروري ۽ ضرورت کان وڌيڪ اميدون رکڻ عدم تحفظ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ جو هڪ اهم ڪارڻ آهي.

سيمينار ۾ فيڪلٽي ميمبر ڪاشف شهزاد، استادن، ملازمن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔