وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا ملاقات ڪئي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي موجودا اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پاڪ فوج جي پيشيوارڻن معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔