ڪراچي جي عوام لاءِ خوشخبري، وڌيڪ 500 بسون روڊن تي هلنديون

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چائنيز ڪمپني جي وفد سان ملاقات ۾ طئي ٿيو آهي ته چائنيز ڪمپني پيپلز بس سروس جيان ڪراچي ۾ نئين بس سروس جي شروعات ڪندي.

صوبائي وزيز جي آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات بابت چيو ويو ته نئين بس سروس 500 بسن جي فليٽ تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ واري وزير چائنيز ڪمپني کي بسن جي خريداري ۽ ڪراچي آڻڻ لاءِ 4 مهينن جو قت ڏنو آهي.

ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري 4 مهينن اندر 500 بسون ڪراچي پهچايون وڃن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير  پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائڻ چاهين ٿا.

شرجيل ميمڻ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي عوام کي وڌ کان وڌ جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔