ايم ڪيو ايم جو سنڌ حڪومت خلاف جدوجهد جو اعلان

ڪراچي: ايم ڪيو ايم، سنڌ حڪومت خلاف جدوجهد جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان موجب ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي صدارت هيٺ رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ايم ڪيو ايم ترجمان موجب سنڌ ۾ ٿيندڙ ٿيندڙ مڪاني چونڊن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي شهرن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڀرپور جدوجهد جو فيصلو ڪيو ويو.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ اين اي 245 جي ننڍي چونڊ لاءِ حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته رابطا ڪميٽي فاروق ستار سميت ٻين ميمبرن جي پارٽي ۾ واپسي جي به راءِ ڏني.

ترجمان ٻڌايو ته رابطا ڪميٽي آچر تي مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڪارڪنن جو جنرل ورڪرز اجلاس طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔