بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون:وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ مان عوام جي جان ڇڏرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت سڏايل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گيس جي قيمت بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، اڳوڻي حڪومت سستي گيس خريد ڪرڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو ۽ اسان مهانگائي گيس خريد ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڳوني حڪومت بجلي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان ڏينهن رات محنت ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ هلندڙ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، اسان کي عوام جي مشڪلاتن جو احساس آهي جلد حالتن کي ضابطو آندو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔