آءِ ايم ايف اسان کي نچائي رهيو آهي: راڻا ثناءُ الله


وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آءِ ايم ايف اسان کي نچائي رهيو آهي، اسان کي هر قيمت تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻو هو، آءِ ايم ايف سان هڪ ارب ڊالرز جي قرض لاءِ ڳالهيون جاري آهن
وفاقي گهرو وزير پيٽروليم شين جا اگهه وڌڻ سان مهانگائي ۾ واڌ ٿيڻ جو به اعتراف ڪيو آهي
راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو، معيشت ۽ امن امان جي مسئلن جو حل سياسي اتفاق راءِ سان آهي
هن وڌيڪ چيو ته هڪ ماڻهو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ ۾ رُڌل آهي، قوم ملڪ کي بهتري ڏانهن وٺي ويندڙن جو ساٿ ڏيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔