اگهن ۾ رڪارڊ واڌ بعد سون، ڊالر ۽ پائونڊ سستا ٿي ويا

ڪراچي :سون جي اگهه ۾ 500 رپيا تولو گهٽتائي ٿي وئي. ڊالر به اوپن مارڪيٽ ۾ سوا 2 رپيا سستو  ٿي ويو.  رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي نظر آئي. في تولي جي قيمت 500 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 41 هزار 200 رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي هڪ لک 40 هزار 700 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 1560 رپيا تولو برقرار رهي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ سوا ٻه رپيا گهٽتائي ٿي. هڪ ڏينهن اڳ ڊالر جي وڪري جي قيمت 208 رپيا 75 پئسا هئي جيڪا ڪالهه گهٽجي 206 رپيا 50 پئسا رهجي وئي. پائونڊ 4 رپيا سستو ٿي 251 رپين ۾، ڪينيڊين ڊالر 36 پئسا گهٽتائي سان 162 رپيا 57 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو. بحرين جي دينار جي وڪري جي قيمت 556 رپيا 52 پئسا، ڪويتي دينار 681 رپيا 98 پئسا، قطري ريال 57 رپيا 52 پئسا، اوماني ريال 544 رپيا 32 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو. انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ پوڻا ٻه رپيا گهٽتائي ٿي ۽ هڪ ڏينهن اڳ واري اگهه 206 رپيا 87 پئسا مان گهٽجي 205 رپيا 12 پئسا ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔