ٻيهر ڳڻپ ۾ جيڪو وڌيڪ ووٽ کڻندو، اُهو ڪامياب ٿيندو: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي اليڪشن خلاف تحريڪ انصاف جون درخواستون منظور ڪري  ورتيون آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته نئين اليڪشن جو حڪم نٿو ڏئي سگهجي، ٻيهر اليڪشن جو حڪم سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف هوندو، اسان پرزائيڊنگ آفيسر جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت به نٿا چئي سگهون ، عدالت حڪم ڏنو آهي ته باغي ميمبرز جا 25 ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي، ٻيهر راءِ شماري ۾ جنهن جي اڪثريت ثابت ٿي، اُهو کٽي ويندو

جسٽس صداقت علي خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي

لارجر بيچ ۾ پي ٽي آءِ کانسواءِ ق ليگ ۽ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، اِهي اپيلون حمزه شهباز خلاف ۽ وڏ وزارت بابت سنگل بينچ جي فيصلي خلاف داخل ڪيون ويون هيون

لاهور هاءِ ڪورٽ درخواستن تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نئين اليڪشن جو حڪم نٿو ڏئي سگهجي، ٻيهر اليڪشن جو حڪم سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف هوندو، اسان پرزائيڊنگ آفيسر جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت به نٿا چئي سگهون

عدالت حڪم ڏنو آهي ته باغي ميمبرز جا 25 ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي، ٻيهر ڳڻپ ۾ جيڪو وڌيڪ ووٽ کڻندو، اُهو ڪامياب ٿيندو، جيڪڏهن ڪنهن کي گهربل اڪثريت نٿي ملي ته آرٽيڪل 130 چار تحت ٻيهر چونڊ ٿيندي، 25 ووٽ ڪڍڻ بعد اڪثريت نه ملڻ تي حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير نه رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔