پاڪستان جا 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ۾ حڪومت پاران خاص ”لوگو “جاري

اسلام آباد: پاڪستان جي قيام کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي ۾ ”عزم عالي شان، شاد رهي پاڪستان“ جي عنوان سان خاص ”لوگو“ جاري ڪيو ويو آهي .اطلاعات کاتي واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته پاڪستان جا 75 سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ لوگو شايع ڪرڻ رڳو وطن سان محبت ۽ ان عزم جو ورجاءُ آهي ته اسان جي بهادر ۽ عظيم بزرگن ۽ شهيدن جنهن عزم سان پاڪستان ٺاهيو هو . هن چيو ته ان ئي عزم سان معاشي طور تي ان کي مضبوط ۽ پاڻ ڀري فلاحي مملڪت ۽ دفاعي لحاظ کان ناقابل تسخير بڻائينداسين ته جيئن پاڪستان جي قيام جا حقيقي مقصد حاصل ڪري سگهجن ۽ عوام جي زندگين ۾ آسانيون اچن، جنهن جو خواب ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڏٺو هو .اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته معاشي پاڻڀرائي واري وزن سان پاڪستان جا نوجوان حقيقي معنيٰ قوم جا معمار بڻجندا ، قومي ترقي جا ثمر حاصل ڪري سگهندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔