غلطيءَ سان 24 سالن جي پگهار اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ بعد ملازم غائب ٿي ويو

ڏکڻ آمريڪي ملڪ چلي جي هڪ شخص کي سندس ڪمپني طرفان اتفاقي طور تي 286 مهينن يا اٽڪل 24 سالن جي پگهار ڏني وئي، جنهن کانپوءِ هو غائب ٿي ويو

آمريڪي اخبار موجب اِهو غير معمولي واقعو چلي جي سڀ کان وڏي ڪولڊ ڪِٽس ڪنسورشيو انڊسٽريل ڊي ايليمينٽوس جي هيومن ريسورس ڊپارٽمينٽ ۾ پيش آيو، جتي آفيس اسسٽنٽ کي اوچتو محسوس ٿيو ته سندس اڪائونٽ ۾ تمام گهڻي رقم جي منتقلي ٿي آهي

ظاهر ٿيو ته سسٽم ۾ خرابي سبب، ملازم کي هڪ ئي وقت 180,000 آمريڪي ڊالر چلي جي ڪرنسي جي صورت ۾ ادا ڪيا ويا، جڏهن ته سندس پگهار 542 آمريڪي ڊالر هئي

ملازم جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيل رقم سندس پگهار کان 286 ڀيرا وڌيڪ هئي، ڪمپني ملازم سان رابطو ڪري رقم واپسي جي درخواست ڪئي پر هو منظر عام تان غائب ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔