موسميات کاتي پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي لاڳاپيل ادارن کي پهرين جولاءِ کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جي حوالي سان الرٽ رھڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي

موسميات کاتي پاران جاري ڪيل الرٽ موجب پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب 30 جون کان 4 جولاءِ تائين اسلام آباد، ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته زوب، زيارت، خضدار ۽ لسبيلا ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي لاڳاپيل ادارن کي خبردار ڪيو آهي ته اسلام آباد، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ 2 کان 4 جولاءِ ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 3 کان 5 جولاءِ تائين تيز برساتن سان شهري ٻوڏ جو خطرو آهي

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته طوفاني برساتن سبب ڪشمير، خضدار ۽ لسبيلا دريائن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪشمير، گليات ۽ مري ۾ به امڪاني برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي

موسميات کاتي موجب هوائون 29 جون کان ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن ۽ هن هفتي جي آخر تائين اهي هوائون تيز ٿي وينديون ۽ ملڪ جي ڏاکڻين علائقن تائين پکڙجي وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔