آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ٿيندڙ ڀرتيون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي: ايم ڪيو ايم آءِ بي اي ذريعي ٿيندڙ ڀرتين کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

متحده سينيٽر خالده اطيب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ نٿي وٺي سگهجي، ڀرتين ۾ بيضابطگيون ٿي رهيون آهن، عدالت ڀرتيون فوري طور روڪڻ جو آرڊر جاري ڪري

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار هڪ معتبر اداري تي الزام هڻي رهي آهي، جڊيشل آفيسرز جي ڀرتين لاءِ اسان رابطو ڪيو ته اُن اداري معذرت ڪري ڇڏي

 آءِ بي اي سکر چيو ته وٽن اهڙي سهولت ناهي، عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي سنڌ سرڪار ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔