سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ اڄ ڏٺو ويندو

رياض: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ اڄ ڏٺو ويندو. عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ اڄ ڏٺو ويندو جنهن کانپوءِ عيدالاضحيٰ جي تاريخ جو اعلان ٿيندو .سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ذوالحج جو چنڊ ڏسن، جيڪڏهن چنڊ نظر اچي وڃي ته پنهنجي ويجهي عدالت ۾ وڃي شاهدي رڪارڊ ڪرائين. چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ حج جي تاريخ ۽ عيدالاضحيٰ جي ڏينهن ۽ تاريخ کي طئي ڪيو ويندو. ذوالحج جي 10تاريخ تي عيدالاضحيٰ ملهائي ويندي آهي .ذوالحج اسلامي ڪيلينڊر جو آخري مهينو هوندو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔