ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ،وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ جارحيت پسند ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي آڙ ۾ هڪ گهر تي فائرنگ ڪري 2 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو . ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشمير وادي جي ضلعي ڪلگام ۾ قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي آڙ ۾ چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پامال ڪيو .ٻارن ۽ بزرگن کي به تشدد جو نشانو بڻايو  ۽ عورتن کي به حراسان ڪيو .سرچ آپريشن دوران هڪ گهر تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا .شهيدن جي وارثن ۽ پاڙي وارن پاران قابض ڀارتي فوج جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو ويو  ۽ ڪشمير جي آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا ويا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔