وفاقي ڪابينا پاران افغان ٽرانسپورٽرن کي 6 مهينن جي ملٽي انٽري ويزا جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ افغانستان مان ٽرانسپورٽرن کي 6 مهينن جي ملٽي انٽري ويزا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 7 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي

ڪابينا نيشنل ويسٽ مئنيجمينٽ پاليسي 2022ع جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي ويزا پاليسي ۾ تبديلي جي ايجنڊا جي به منظوري ڏني وئي

اجلاس ۾ 22 جون تي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن، 23 جون تي ڪابينا جي قانونساز ڪميٽي جي فيصلن ۽ حج پاليسي 2022 جي نئين مسودي جي به توثيق ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔