ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر 6 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس محصول جمع ڪري ورتو

ڪراچي: فيڊرل بيورو  آف ريوينيو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر 6 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس محصول جمع ڪري ورتو آهي .ايف بي آر جي ترجمان موجب فيڊرل بيورو آف ريونيو هلندڙ مالي سال لاءِ مقرر ڪيل 5829 ارب رپين جي شروعاتي حدف کي گذريل هفتي حاصل ڪري ورتو هو ، جڏهن ته ايف بي آر 30 جون تائين 6100 ارب رپين جي ٽيڪس محصول جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي .ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب تاريخ ساز ڪاميابي تي چيئرمين ايف بي آر پاران پنهنجي پوري ٽيم ۽ قوم کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔