ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

ڪراچي: ماڙي پيٽروليم ڪمپني ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪري ورتا آھن

ماڙي پيٽروليم ڪمپني طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ اتر وزيرستان بنون ويسٽ بلاڪ مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا آھن

پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تھ شروعاتي طور تي روزانو 2 ڪروڙ 50 لک مڪعب فٽ گيس حاصل ٿيندي ۽ اِھا گئس جي موجودگي 5 ڪروڙ مڪعب فٽ روزانو ٿيڻ جا امڪان آھن

ماڙي پيٽروليم ڪمپني موجب تيل ۽ گئس جي ذخيرن مان روزانو 300 بيرل ڪچو تيل بھ حاصل ٿي سگھندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔