پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيوزي لينڊ ۾ کيڏي ويندڙ سيريز ۾ شرڪت ڪندي

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيوزي لينڊ ۾ کيڏي ويندڙ سيريز ۾ شرڪت ڪندي . ٽي ملڪي سيريز پاڪستان ، بنگلاديش ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ کيڏي ويندي ، ٽه ڌري ٽي ٽوينٽي سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. سيريز هيگلي اوول ڪرائسٽ چرچ ۾ 7کان 14 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي، پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 7 آڪٽوبر تي بنگلاديش جي خلاف کيڏندو، سيريز ۾ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جون ٽيمون 8 آڪٽوبر تي هڪ ٻئي جي سامهون اينديون ، سيريز جو فائينل 14 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔