پاڪستان کي آءِ ايم ايف پاران جولاءِ جي شروع ۾ قرض جي قسط ملڻ جو امڪان

ڪراچي: پاڪستان کي آءِ ايم ايف پاران ستين ۽ اٺين جائزي جو ميمورينڊم ملي ويو،جولاءِ جي شروع ۾ قرض جي قسط ملڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف سان قرض جي معاهدي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي .ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ستين ۽ اٺين جائزي جو ميمورينڊم پاڪستان کي ڏئي ڇڏيو آهي. هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ صبح ميمورينڊم آف اڪنامڪ اينڊ فنانشل پاليسيز مليو آهي. ذريعن موجب پاڪستان کي جولاءِ جي شروع ۾ آءِ ايم ايف کان نئين قسط ملي ويندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔