وزيراعظم شهباز شريف جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ ۾ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ ۾ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ، اسيمبلي ميمبرن کي رات جي ماني کارائڻ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن کي پي ٽي آءِ مڃي ورتو هو ، ممڪن آهي ته جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ وڌي، اسان کي جولاءِ لاءِ گئس جا جهاز نه مليا آهن پر اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون . هن چيو ته عوام مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ گهٽتائي لاءِ مختلف شعبن جي مالڪن جي آمدني تي ڊائريڪٽ ٽيڪس لڳائي آهي .وزيراعظم چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرندي وارن تي ٽيڪس لڳائي وئي آهي ۽ اهو حڪومت جو انقلابي قدم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔